KTN News

سکر ۾ ميرپورماٿيلو جي رهواسين پاران ٽِن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو

سکر ۾ ميرپورماٿيلو جي رهواسين پاران ٽِن ڄڻن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ احتجاجي مظاهرو ڪري انصاف جو مطالبو ڪيو ويو

خانپور مهر ٿاڻي جي حد ۾ ڏيڍ سال اڳ قتل ٿيل راحب، الهرکيو ۽ رضا محمد لُنڊ جي وارثن پاران عدالت ٻاهران احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو

احتجاج ڪندڙ رب رکيو لنڊ  ۽ ٻيون ٻڌايو ته ڏيڍ سال گذرڻ باوجود پوليس اڃا تائين قتل ۾ ملوث هڪ به جوابدار کي گرفتار ناهي ڪري سگهي.

مظاهرين ٻڌايو ته قتل ۾ ملوث جوابدار قربان، صاحب، امام بخش، محمد نواز لُنڊ ۽ ٻين خلاف واقعي جو ڪيس داخل ڪرايو آهي

مظاهرين چيف جسٽس، آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي سکر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته قتل ۾ ملوث جوابدارن خلاف سخت ڪارروائي ڪري انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube