KTN News

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالرحمان َقاضي جي عدالت ۾ شهيد صحافي جان محمد مهر جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.

فريادي ڌر ۽ شاهد سيڪيورٽي سببن جي ڪري عدالت ۾ پيش نه ٿي سگھيا جڏهن ته ضمانت تي آزاد 6 جوابدار بخشل مهر، بابر مهر، بشير مهر، منور مهر، شيرو شيخ ۽ رمضان شيخ وڪيلن سميت عدالت ۾ پيش ٿيا.

عدالت وڪيلن جي مهلت سبب ڪيس جي ٻڌڻي 12 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

ياد رهي ته 27 مهينا اڳ هٿياربندن وچ ۾ شهر فائرنگ ڪري سينيئر صحافي جان محمد مهر کي قتل ڪري ڇڏيو هو، قتل ڪيس ۾ نامزد مرڪزي جوابدار جمن مهر، گلزار مهر، روشن مهر، نصير مهر، محسن مهر ۽ ٻيا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube