اسلام آباد: سپريم ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان کي ٻارن سان رابطي لاءِ ذاتي ڊاڪٽرن ۽ ٽيليفون جي سهولت فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي ۽ جسٽس شاهد بلال حسن تي مشتمل ٻه رڪني بينچ ٻڌڻي ڪئي جنهن دوران عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي وئي.
رپورٽ موجب عمران خان طبي سهولتن کي غير تسلي بخش قرار ڏنو آهي ۽ اکين جي ماهرن تائين رسائي جي درخواست ڪئي آهي.
ٻڌڻي دوران اٽارني جنرل انور منصور عدالت کي ٻڌايو ته اسان اکين جي ماهرن تائين رسائي فراهم ڪرڻ لاءِ تيار آهيون. ان تي چيف جسٽس چيو ته حڪومت سٺي موڊ ۾ آهي، عمران خان کي سندس ٻارن سان ٽيليفون رابطي جي سهولت به ڏني وڃي، هو هن وقت رياست جي حراست ۾ آهي، ان سميت سڀني قيدين کي برابر طبي سهولتون ڏنيون وڃن، اهو نه چيو ويندو ته عمران خان کي ٻين قيدين کان وڌيڪ سهولتون ڏنيون وڃن، سڀني سان برابر سلوڪ ڪيو وڃي.




