حيدرآباد
لياقت يونيورسٽي اسپتال حيدرآباد جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر علي اڪبر ڏاهري اسپتال ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان پوليس اهلڪارن جي کوٽ بابت ايس ايس پوليس حيدرآباد کي ليٽر لکي ڇڏيو
ليٽر ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بينچ حيدرآباد جي حڪم موجب اسپتال ۾ 40 پوليس اهلڪار هڪ انسپيڪٽر جي نگراني ۾ مقرر ڪرڻا هئا پر اڃا تائين عدالتي حڪمن تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي ۽ في الحال اسپتال جي سيڪيورٽي ۾ رڳو 6 اهلڪار مقرر ٿيل آهن جن ۾ 1 اي ايس آءِ، 2 هيڊ ڪانسٽيبل ۽ 2 ڪانسٽيبل شامل آهن، جڏهن ته ڪو به انسپيڪٽر مقرر نه آهي

ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر علي اڪبر ڏا هري صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي پوليس نفري ۾ فوري اضافي جي سفارش ڪئي آهي ته جيئن اسپتال جي سيڪيورٽي کي مضبوط بڻائي سگهجي ۽ ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي وقت سر منهن ڏئي سگهجي۔
ليٽر جون ڪاپيون ڪمشنر حيدرآباد، ڊي آءِ جي پوليس، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن ڏانهن پڻ موڪليون ويون آهن ته جيئن معاملي تي فوري ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي