KTN News

سنڌ ۾ ٽريفڪ قاعدن جي ڀڃڪڙي تي وڏا ڏنڊ ۽ ڊي ميرٽ پوائنٽن جو نظام لاڳو

ڪراچي: حڪومت سنڌ پاران صوبي ۾ ٽريفڪ قانونن جي ڀڃڪڙي تي وڏن ڏنڊن ۽ ڊي ميرٽ پوائنٽن جو نظام لاڳو ڪيو ويو آهي۔

سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ موجب، موٽر واهيڪلز آرڊيننس 1965 جي ٻارهوين شيڊول ۾ ترميم کان پوءِ هي نظام لاڳو ڪيو ويو آهي۔

شرجيل ميمڻ چيو آهي ته اوور اسپيڊنگ، سگنل ٽوڙڻ، غلط رخ ۾ گاڏي هلائڻ، اوور لوڊنگ، ۽ بغير ڊرائيونگ لائسنس گاڏي هلائڻ سميت ٻين ڀڃڪڙين تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔

شرجيل ميمڻ مطابق، اوور اسپيڊنگ تي موٽر سائيڪل لاءِ 5 هزار، ڪار لاءِ 15 هزار، ۽ هيوي ٽرانسپورٽ لاءِ 20 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو، ۽ 8 ڊي ميرٽ پوائنٽس پڻ ڏنا ويندا۔

بغير ڊرائيونگ لائسنس گاڏي هلائڻ تي 50 هزار رپيا تائين ڏنڊ ۽ 6 ڊي ميرٽ پوائنٽس رکيا ويا آهن، جڏهن ته لاپرواهي سان گاڏي هلائڻ تي 25 هزار رپيا ڏنڊ ۽ 8 ڊي ميرٽ پوائنٽس لڳايا ويندا۔

اهڙيءَ ريت ون ويلنگ، بغير هيلمٽ موٽر سائيڪل هلائڻ، ڌندلا شيشو استعمال ڪرڻ، غلط لين ۾ گاڏي هلائڻ، ۽ مسافرن کي ڇت تي ويهارڻ تي به سخت سزائون ڏنيون وينديون۔

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اهي قدم ڏنڊن جي وصولي لاءِ نه، پر شهري جي زندگين کي بچائڻ ۽ روڊ سيفٽي کي يقيني بڻائڻ لاءِ کنيا ويا آهن۔

هن چيو ته سگنل ٽوڙڻ، اوور اسپيڊنگ ۽ ون ويلنگ جان ليوا عمل آهن، هاڻ ٽريفڪ قانونن جي بار بار ڀڃڪڙي تي لائسنس معطل يا منسوخ ڪري سگهجي ٿو، ڊي ميرٽ پوائنٽس جو نظام اسان کي اهڙن ماڻهن جو رڪارڊ رکڻ ۾ مدد ڏيندو جيڪي بار بار قانون ڀڃين ٿا۔ اهو نظام دنيا جي ترقي يافته ملڪن ۾ ڪاميابي سان لاڳو ٿيل آهي۔

هن عوام کان اپيل ڪئي ته هو ٽريفڪ پوليس سان سهڪار ڪن ته جيئن حادثن ۾ گهٽتائي اچي ۽ صوبي جون رستا هر شهري لاءِ محفوظ بڻجي سگهن۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube