ڪراچي: سنڌ حڪومت صوبي ۾ هڪ مهيني لاءِ دفعو 144 لاڳو ڪري ڇڏيو آهي۔
سنڌ جي داخلا کاتي پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، دفعو 144 تحت هڪ مهيني تائين صوبي ۾ جلسن، جلوسن، ريليون ۽ ڌرڻن تي پابندي هوندي۔
نوٽيفڪيشن مطابق، دفعو 144 تحت صوبي ۾ 5 کان وڌيڪ ماڻهن جي گڏ ٿيڻ تي به پابندي لاڳو ڪئي وئي آهي۔
نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ دفعو 144 جو نفاذ آءِ جي سنڌ جي درخواست تي ڪيو ويو آهي، ۽ هي قدم امن امان جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي کنيو ويو آهي




