سنڌ ۾ مليريا ۽ ڊينگي جا ڪيس تيزي سان وڌڻ لڳا آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ مليريا جا ڪيس حيدرآباد ڊويزن ۾ رپورٽ ٿيا آهن.
صحت کاتي جي انگن اکرن مطابق صرف حيدرآباد ڊويزن ۾ مليريا جا 74 هزار 843 ڪيس سامهون آيا آهن، جيڪي سڄي صوبي ۾ سڀ کان وڌيڪ آهن.
لاڙڪاڻو ڊويزن ۾ 41 هزار 924، شھيد بينظيرآباد ۾ 17 هزار 905، سکر ۾ 12 هزار 617، ميرپورخاص ۾ 12 هزار 542 ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ 2 هزار 242 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن.
مجموعي طور تي صوبي ۾ هن سال مليريا جا ڪل 1 لک 62 هزار 91 ڪيس رڪارڊ ٿيا آهن.
صحت کاتي جو چوڻ آهي ته اڃا به ڪيسن ۾ واڌ جو خطرو برقرار آهي.
ڊينگي جي حوالي سان صورتحال پڻ ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي.
سنڌ ۾ هن سال تائين ڊينگي جا 557 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ 456 ڪيس ڪراچي ڊويزن ۾ آيا آهن.
ڪراچي جي ضلعي ايسٽ ۾ ڊينگي سبب هڪ موت پڻ ٿيو آهي.
حيدرآباد ۾ 62، ميرپورخاص ۾ 31، شھيد بينظيرآباد ۾ 4، سکر ۾ 3 ۽ لاڙڪاڻي ۾ ڊينگي جو هڪ ڪيس ريڪارڊ ٿيو آهي.
صحت کاتي شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته مڇرن کان بچاءَ لاءِ حفاظتي اپاءَ اختيار ڪن، پاڻي کي بيهڻ نه ڏين ۽ بخار جي صورت ۾ فوري طور تي ٽيسٽ ڪرائن، ته جيئن بروقت علاج ممڪن ٿي سگهي.




