KTN News

سنڌ ڪابينا گودامن ۾پيل ڪڻڪ جاري ڪرڻ ۽ ڌاڙيلن لاءِ هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي جي منظوري ڏئي ڇڏي

وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ اهم فيصلا ڪيا ويا،  ننڍن آبادگارن جي مفادن جي تحفظ کانپوءِ ڪڻڪ جاري ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي، هڪ ڏهائي 265  ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ فلور ملز ۽ چڪين کي جاري ٿيندي، ڪابينا ڪچي جي علائقن ۾ سماجي ترقي لاءِ ڌاڙيلن جي هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي به منظور ڪري ورتي، ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته آپريشنز ۽ ڳالهين بعد ڪيترن ئي ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي، هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڌاڙيلن جي پونئيرن کي تعليم، صحت ۽ معاشي تحفظ ڏنو ويندو، ڪچي جي علائقن ۾ اسڪول، اسپتالون ۽ وٽرنري جون سهولتون به فراهم ڪيون وينديون.

 ڪابينا ايس اِي ڊي ايف بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ انٽر پرائز ڊولپمينٽ فنڊ جو چيئرمين، وزير، صلاحڪار ۽ خاص معاون هوندو، سنڌ انفارميشن ٽيڪنالوجي ڪمپني جي بورڊ آف ڊائريڪٽرز جي جوڙجڪ ۾ ترميم جي به منظوري ڏني وئي.

سنڌ ڪابينا سرڪاري ملازمن جَي بينيوولينٽ فنڊ بابت جاري ڪيل نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڇڏيو، معاملي جي حل لاءِ ڪميٽي قائم ڪئي وئي.

 بلاول ڀٽو جي هدايت تي سنڌ گورنمينٽ سرونٽس بينوولينٽ فنڊ بابت تجويز تي غور ڪيو ويو، سنڌ ايمپلائيز الائنس به 3 آڪٽوبر تي چيف سيڪريٽري کي چارٽر آف ڊيمانڊ پيش ڪيو هو.

 ڪابينا اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ايمپلائيز الائنس مطالبو ڪيو آهي ته بينوولينٽ فنڊ جي ادائگي رٽائرمينٽ وقت بلوچستان حڪومت جي طرز تي ڏني وڃي، سنڌ ايمپلائيز الائنس جو موقف آهي ته بينيوولينٽ فنڊ جي فائدن کي رڳو فوتگي يا معذوري تائين محدود نه رکيو وڃي، جوڙيل ڪميٽي بينيوولينٽ فنڊ بابت حتمي فيصلو ڪندي..

ڪابينا اسڪول جي خرچن لاءِ 5 ڪروڙ 34 لک رپيا جاري ڪرڻ جي به منظوري ڏئي ڇڏي، سنڌ ڪابينا ايل بي او ڊي جي 78 ملازمن کي پڪو ڪرڻ جي به منظوري ڏني…

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube