گهوٽڪي: ماڙي انرجيز پاران سنڌ جي شهر ڊهرڪي مان تيل ۽ گئس جي دريافت جو اعلان
ماڙي انرجيز طرفان جاري ڪيل اعلاميي ۾ چيو ويو آهي ته سنڌ جي ضلعي گهوٽڪي جي شهر ڊهرڪي مان تيل ۽ گئس جو ذخيرو دريافت ٿيو آهي۔
ماڙي انرجيز جو چوڻ آهي ته اها دريافت ماڙي غزيج سي ايف بي ون ايڪسپلوريش ويل مان ٿي آهي، ۽ ماڙي انرجيز، ماڙي ڊولپمينٽ اينڊ پروڊڪشن ليز جي 100 سيڪڙو حقن سان آپريٽر آهي۔
اعلاميي مطابق، ايف بي ون ايڪسپلوريشن ڪنوا تيل سان ڀرپور زونز کي حدف بڻائي کوٽيو ويو، ٽيسٽنگ دوران ڪنوي مان روزاني 305 بيرل تيل ۽ 30 لک (3 ملين) مڪعب فوٽ گئس حاصل ٿي۔
ماڙي انرجيز موجب، ڪمپني ڊهرڪي ماڙي فيلڊ ۾ پاڪستان جي سڀ کان وڏي گئس جي ذخيري کي هلائي رهي آهي، ۽ لڳ ڀڳ 30 سيڪڙو مارڪيٽ شيئر سان ملڪ جي سڀ کان وڏي گئس پيدا ڪندڙ ڪمپني آهي۔




