سنڌ هائيڪورٽ منشيات وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار 14 سالن جي نينگري جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ڇوڪريءَ جي والدين کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت پاران ننڍي عمر ۾ نينگري کان منشيات وڪرو ڪرائڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت حڪم ڏنو ته پنج هزار رپين جي مچلڪن جمع ڪرائڻ تي نينگري کي پڦي حوالي ڪيو وڃي.
عدالت رمارڪس ڏنا ته پهريان منشيات فروش عورتن کي استعمال ڪندا هيا، هاڻي ٻارن کي ڪن ٿا.
جسٽس عمر سيال رمارڪس ڏنا ته والدين ٻارن جي تربيت،نگراني ۽ حفاظت جا ذميوار آهن….




