سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي زو ۾راڻو رڇ لاءِ ناڪافي انتظامن بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي ٻن ڏينهن اندر راڻو کي اسلام آباد وائلڊ لائيف مينيجمينٽ بورڊ حوالي ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران سيڪريٽري وائلڊ لائيف ۽ سينيئر ڊائريڪٽر ڪراچي زو عدالت ۾ پيش ٿيا۔ عدالت ڪي ايم سي انتظاميا تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔
سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏيندي چيو“بدترين حالت ۾ رڇ ڪيئن رهي سگهي ٿو؟.
عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رمارڪس ڏنا ته توهان پاڻمرادو پنهنجو ڪم ڇو نٿا ڪريو؟ هر ڪم لاءِ عدالت جي حڪم جو انتظار ڇو ڪيو وڃي ٿو؟
عدالت وڌيڪ پڇاڻو ڪندي رمارڪس ڏنا ته راڻو رڇ کي ڪنهن بهتر جاءِ تي منتقل ڪيو وڃي.
درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته راڻو رڇ کي ستن سالن کان هڪ ئي جاءِ تي قيد رکيو ويو آهي ۽ ان جي مٿي ۾ ڪيڙا پئجي چڪا آهن.
عدالت حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته بي زبان جانور کي ستن سالن کان هڪ ئي جاءِ تي قيد رکيو ويو آهي، ان جو ڪهڙو ڏوهه آهي؟.
ان موقعي تي سيڪريٽري وائلڊ لائيف وضاحت ڪئي ته “ڪراچي زو ڪي ايم سي جي انتظام هيٺ آهي، وائلڊ لائيف کاتي جو سڌو سنئون اختيار ناهي۔”
عدالت سوال اٿاريو ته“زو ۾راڻو رڇ جو علاج ڇو نٿو ڪيو وڃي؟”
درخواست گذار جي وڪيل ٻڌايو ته “ر اڻو رڇ پنجرن کي پنهنجو مٿو هڻندو آهي، جيڪو ان جي ذهني دٻاءُ جو ثبوت آهي۔”
عدالت ڪيس جي ايندڙ ٻڌڻي تي راڻو جي منتقلي بابت رپورٽ طلب ڪندي ڪارروائي ملتوي ڪري ڇڏي.




