سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪراچي جي قديم علائقي لياري بغدادي ۾ ڪريل عمارت جي مالڪن رحيم بخش ۽ تاج محمد جي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت جوابدارن کي جيل مان آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت ٻنهي جوابدارن کي پنج پنج لک رپين جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم پڻ جاري ڪري ڇڏيو.
ان کان اڳ سيشن ڪورٽ بلڊنگ مالڪن جي ضمانت جي درخواست رد ڪري ڇڏي هئي.
پراسيڪيوٽر عمارت جي مالڪن جي ضمانت جي درخواست جي مخالفت ڪندي عدالت کي ٻڌايو ته عمارت ڪرڻ سبب 27 رهائشي فوت ٿيا،عمارت مالڪن جي غفلت سبب معاشري ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ٿي.
هن چيو ته عمارت جي مالڪن جي ضمانت جي درخواست رد ڪئي وڃي…