سنڌ هاءِ ڪورٽ دائود انجنيئرنگ يونيورسٽي جي شاگرد جي درخواست تي ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 17 آڪٽوبر تائين جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
درخواست گذار جي وڪيل عثمان فاروق ايڊووڪيٽ عدالت کي ٻڌايو ته يونيورسٽي انتظاميا بنا ڪنهن انڪوائري ۽ ثبوتن جي شاگرد جي داخلا رد ڪري ڇڏي، جنهن سبب ان جو تعليمي سال ضايع ٿي ويندو.
وڪيل چيو ته شاگرد تي جھڳڙي جا الزام مڙهيا ويا، ان حوالي سان ڪو به شڪايت نامو يا ثبوت پيش نه ڪيو ويو.
درخواستگذار جي وڪيل وڌيڪ چيو ته ضابطا ڪميٽي جي سفارشن تي سنڊيڪيٽ جو فيصلو ٿيڻ کان اڳ ئي شاگرد جي داخلا رد ڪئي وئي ۽ ان کي پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقعو به نه ڏنو ويو.
وڪيل عثمان فاروق چيو ته “شاگرد جو امتحان ويجهو آهن، جيڪڏهن امتحان ۾ ويهڻ جي اجازت نه ملي ته ان جو وڏو تعليمي نقصان ٿيندو.
عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته “امتحان کان اڳ ڌرين کان جواب طلب ڪيو آهي.
عدالت ٻڌڻي ملتوي ڪندي ڌرين کي حڪم ڏنو ته اهي 17 آڪٽوبر تائين لکت ۾ جواب جمع ڪرائين..