سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي قيمت گهٽ ۾ گهٽ 3500 رپيا مقرر، هارين کي 55 ارب جو پيڪيج به ڏئي رهيا آهيون، وڏو وزير
سنڌ حڪومت پاران ڪڻڪ جي امدادي گهٽ ۾ گهٽ 3500 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. وڏي وزير مراد علي شاهه پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن امدادي قيمت نه ڏني ته ڪڻڪ درآمد ڪرڻي پوندي. هارين جي ڀاڻ جي مد ۾ 55 ارب رپين جو پيڪيج به ڏئي رهيا آهيون.




