KTN News

سنڌ حڪومت پاران ڌاڙيلن لاءِ “هٿيار ڦٽا ڪريو” پاليسي تيار

ڪراچي

رپورٽ: شيخ اسرار

سنڌ حڪومت پاران ڌاڙيلن ۽ قبيلائي تڪرارن سبب ڏوهاري بڻجي ويلن لاءِ “هٿيار ڦٽا ڪيو” پاليسي تيار ٿي وئي، ضلعي انتظاميا ۽ لاڳاپيل ايجنسيون هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ محفوظ هنڌ نوٽيفاءِ ڪنديون. هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون ڪو نقصان نه پهچائينديون، عدالتون پاڻمرادو پيش پوندڙن کي جتي قانوني طور جائز سمجهنديون کين رعايت ڏيڻ تي غور ڪري سگهنديون، پيش پوندڙن ۽ سندن خاندانن کي ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ ملندي، سندن خاندانن کي هراسان نه ڪيو ويندو، زمينن ۽ فصلن جي حفاظت يقيني بڻائي ويندي، کين قانوني ڪاروبار جاري رکڻ جي اجازت هوندي، بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بينظير هاري ڪارڊ ذريعي مالي مدد فراهم ٿيندي، پاليسي جي ايندڙ سومر تي سنڌ ڪابينا مان منظوري ورتي ويندي.

 ان حوالي سان سنڌ حڪومت پاران لاڙڪاڻي ۽ سکر ڊويزن جي ڪچي ۾ موجود ڌاڙيلن ۽ قبيلائي تڪرارن سبب ڏوهاري بڻجي روپوش ٿي ويل مختلف برادرين جي ماڻهن لاءِ “هٿيار ڦٽا ڪريو پاليسي 2025” تيار ڪئي وئي آهي. ڪاوش وٽ موجود “سرينڊر پاليسي” جي مقصدن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪچي جي ڌاڙيلن کي پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ هڪ صاف شفاف ۽ انسانيت ڀريو طريقيڪار فراهم ڪيو ويندو، اهو يقيني بڻايو ويندو ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ قانون طريقيڪار کي منهن ڏين، جڏهن ته ڏوهارين جي خاندانن کي هراسان ڪرڻ واري عمل ڪرڻ کي روڪڻ ۽ سندن قانوني ملڪيتن ۽ گذر سفر جي ذريعن جي حفاظت ڪئي ويندي.

پاليسي جي اصولن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطلب اهو نه هوندو ته ڏوهارين کي معافي يا ڇوٽ ملندي، سڀني کي قانون کي منهن ڏيڻو پوندو، پر هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي قانون لاڳو ڪندڙ ايجنسيون ڪو نقصان نه پهچائينديون. جڏهن ته هٿيار ڦٽا ڪندڙ ڏوهاري پنهنجا هٿيار پوليس وٽ جمع ڪرائيندا. هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي خاندانن کي اجازت هوندي ته هو قانوني ڪاروبار جاري رکن، انهن جي زمينن، فصلن ۽ ملڪيتن کي غيرقانوني نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. کين هراسان ڪيو ويندو نه ئي غيرقانوني حراست ۾ ويندو. جيڪي سندن قانوني زمينون هونديون اتي پوکائي ڪرڻ جي اجازت هوندي.

 ان سان گڏ سندن خاندانن کي اهليت موجب بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ بينظير هاري ڪارڊ ذريعي مالي مدد فراهم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. پاليسي موجب حڪومت ڪچي ۾ امن امن جي استحڪام لاءِ سماجي ۽ معاشي بهتري کي ترجيح ڏيندي، جنهن تحت بند پيل اسڪول، ڊسپينسريون ۽ جانورن جي علاج لاءِ منصوبا شروع ڪيا ويندا.

 پاليسي ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي طريقيڪار بابت ڄاڻايو ويو آهي ته پوليس، ضلعي انتظاميا ۽ ٻين لاڳاپيل ايجنسين سان مشاورت بعد هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ محفوظ هنڌن کي نوٽيفاءِ ڪنديون. جتي ڏوهاري پاڻمرادو پوليس وٽ پيش ٿيندا. هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو سلسلو  ڪرمنل پروسيجر ڪوڊ 1898 ۽ سنڌ ڪرمنل پراسيڪيوشن سروس (ڪنسٽيٽيوشن، فنڪشنز اينڊ پاورز) ايڪٽ 2009 هلايو ويندو. جڏهن ته سمورا هٿيار، گوليون ۽ ٻيو بارود پوليس وٽ جمع ڪرايو ويندو. هٿيار ڦٽا ڪندڙن جي بائيوميٽرڪ رجسٽريشن ٿيندي ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو اعلان مجاز اختياري وٽ رڪارڊ ڪيو ويندو.

 پاليسي ۾ واضع ڪيو ويو آهي ته عدالتون پاڻمرادو پيش پوندڙن کي جتي قانوني طور جائز سمجهنديون کين رعايت ڏيڻ تي غور ڪري سگهنديون. پاليسي موجب هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۽ سندن خاندانن کي ٽيڪنيڪل ۽ ووڪيشنل ٽريننگ جون سهولتون فراهم ڪيون وينديون. کين زراعت لاءِ مدد ۽ سندن فصلن جي حفاظت کي يقيني بڻايو ويندو. جڏهن ته ڪچي ۾ جيڪي ترقياتي ڪم ٿيندا انهن ۾ کين ملازمتون به ڏنيون وينديون.

ڪچي جا بند پيل اسڪول کوليا ويندا، اسڪولن جي اپگريڊنگ به ٿيندي ۽ نوان استاد ڀرتي ڪيا ويندا. بند پيل اسپتالون کوليون وينديون، نيون اسپتالون قائم ٿينديون ۽ موبائيل هيلٿ يونٽ فراهم ٿيندا. جڏهن ته پاليسي جي نگراني لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪاميٽي ٺاهي وئي آهي، جيڪا عملدرآمد جي نگراني ڪندي.

 ان سان گڏ عملدرآمد ڪاميٽي به ٺاهي وئي آهي، جيڪا مانيٽرنگ ڪاميٽي جي فيصلن تي عمل ڪرائيندي. اهڙي طرح گهروکاتي ۾ هڪ شڪايتي سيل قائم ڪئي ويندي جتي هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۽ سندن خاندانن جون هراسمينٽ ۽ غيرقانوني ملڪيت ضبط ٿيڻ جون شڪايتون حل ڪيون وينديون ۽ پاليسي تي عملدرآمد جو به جائزو ورتو ويندو. پاليسي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي حوالي سان مقامي برادرين جو اعتماد بحال ٿيڻ ۽ شفافيت لاءِ عوامي سطح تي اعلان ٿيندا ۽ ميڊيا مهم به هلائي ويندي. جڏهن ته انهيءَ پاليسي کي منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا جي ايندڙ سومر تي ٿيندڙ اجلاس ۾ پيش ڪيو ويندو.

پاليسي صدر آصف زرداري جي حڪم تي تيار ٿي

ان حوالي سان ڪاوش وٽ موجود سرڪاري دستاويزن موجب سنڌ حڪومت پاران هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري پاليسي صدر پاڪستان آصف علي زرداري جي 24 مئي 2024ع تي سکر ۾ گڏجاڻي دوران جاري ڪيل حڪم تي تيار ڪئي وئي آهي. ان سان گڏ وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار صدر آصف زرداري جي هدايت تي ڪچي جي ڪيترن ئي بااثر شخصيتن ۽ برادرين سان مشاورت ڪئي آهي، جنهنڪري ڪيترائي ڌاڙيل پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪرڻ تي راضپو ڏيکاري چڪا آهن. دستاويزن ۾ اهو به ڄاڻايو ويو آهي ته ڪچي ۾ قبيلائي تڪرار نبيرڻ تي به ڪم ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي تڪرار ڌاڙيل پيدا ٿيڻ جو وڏو سبب آهن.

پاليسي تي رينجرز، انٽيليجنس بيورو ۽ ملڪي ادارن سان به مشاورت مڪمل

سنڌ حڪومت پاران ڌاڙيلن لاءِ هٿيار ڦٽا ڪريو پاليسي کي حتمي شڪل ڏيڻ کان اڳ ڊائريڪٽر جنرل رينجرز سنڌ پاڪستان، انٽيليجنس بيورو جي جوائنٽ ڊائريڪٽر ۽ ملڪ جي حساس ادارن سان به مشاورت مڪمل ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب گذريل مهيني ڄاڻايل ادارن کي پاليسي جو مسودو موڪلي راءِ گهري وئي هئي ۽ سمورن پاران هاڪاري راءِ ڏني وئي آهي.

250 کان وڌيڪ ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار

سنڌ خاص طور سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ڪچي واري علائقن سان واسطو رکندڙ 250 کان وڌيڪ ڏوهاري هٿيار ڦٽا ڪرڻ لاءِ تيار ٿي چڪا آهن. ان سلسلي ۾ آءِ جي آفيس جي هڪ سينيئر پوليس آفيسر نالو ظاهر ڪرڻ کان منع ڪندي ٻڌايو ته سکر ۽ لاڙڪاڻي ڊويزن جي ايس ايس پيز وٽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي خواهش رکندڙ ڏوهارين جو فهرستون تيار ٿي رهيون آهن. جن ۾ ڪجهه بدنام ڌاڙيل به شامل آهن. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته اڪثر ڏوهاري مقامي بااثر ماڻهن جي هٿ تي پيش ٿيڻ جي خواهش ڏيکاري چڪا آهن، انهن جو لسٽون آءِ جي آفيس سان به شيئر ڪيون ويون آهن. هڪ سوال تي هن ٻڌايو ته پيش ٿيڻ جي خواهش ڏيکاريندڙن ۾ هڪ وڏو انگ قبيلائي تڪرارن سبب روپوش ٿيلن جو آهي، جيڪي پنهنجي برادرين جي سردارن معرفت هٿيار ڦٽا ڪري گرفتاريون ڏيڻ چاهين ٿا. ٻئي پاسي گهرو کاتي جي سرڪاري رڪارڊ موجب آگسٽ 2024 کان هن وقت تائين 100 کان وڌيڪ ڪچي جا ڏوهاري پاڻمرادو هٿيار ڦٽا ڪري پوليس وٽ پيش پئي چڪا آهن. جن خلاف داخل ڪيس ڪورٽن ۾ هلن پيا. 

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube