KTN News

سنڌ حڪومت جو ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ مني فِش هاربر قائم ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي: سنڌ حڪومت ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ مني فِش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔

وزير اعليٰ سنڌ مراد علي شاهه سان وزيرِ ماهي گيري محمد علي ملڪاني ۽ سيڪريٽري ماهي گيري جي ملاقات ٿي، جنهن دوران ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ۾ مني فِش هاربرز قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔

وزيراعليٰ چيو ته ڪيٽي بندر ۽ شاهه بندر ماضي ۾ اهم قدرتي بندرگاهون رهيون آهن، انهن منصوبن سان مالي استحڪام ۽ بھتر روزگار حاصل ڪري سگهبو۔

مراد علي شاهه چيو ته ٻئي ضلعا شهر جي ويجهو آهن ۽ موٽروِي ۽ نيشنل هاءِ وي سان ڳنڍيل آهن، منصوبو سنڌ جي ماحولياتي طور تي مستحڪم ۽ پائيدار ترقيءَ واري ويزن جو حصو آهي۔

وزيراعليٰ سنڌ چيو ته پهرين مرحلي ۾ مني فِش هاربرز ۽ ٻئي مرحلي ۾ مڪمل بندرگاهون قائم ڪيون وينديون، هن منصوبي سان ماهي گيري، واپار ۽ سياحت ۾ ڊگهي مدي وارا فائدا حاصل ٿيندا۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube