KTN News

سنڌ جي وڏي وزير پاران فلسطيني سفير کي اجرڪ جو تحفو

سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه فلسطيني سفير ظهير محمد کي اجرڪ جو تحفو ڏنو.

ڪراچي ۾ ثقافتي ميلو دوران، سنڌ جي وڏي وزير فلپائن، مراکش جي سفيرن، جرمني، سريلنڪا، جاپان، يو اي اي جي قونصل جنرلن ۽ برطانوي هاءِ ڪمشنر کي اجرڪ جو تحفو پڻ ڏنو.

اختتامي تقريب کي خطاب ڪندي سيد مراد علي شاهه چيو ته هو بين الاقوامي فنڪارن جو پاڪستان اچڻ تي شڪرگذار آهي، آرٽس ڪائونسل ڪراچي هڪ خوبصورت فيسٽيول جو انعقاد ڪيو.

هن چيو ته آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ 140 کان وڌيڪ ملڪ آيا آهن، ثقافت اسان جي سڃاڻپ آهي، سنڌ جي ثقافت واري وزير تمام گهڻي محنت ڪئي آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube