KTN News

سنڌ جي وڏي وزير پاران آمريڪي قونصل خاني واقعي جي غير جانبدار جاچ جي هدايت

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه آمريڪي قونصليٽ واقعي جي غير جانبدار جاچ جي هدايت ڪئي آهي، هن چيو ته آمريڪي قونصليٽ ۾ ٿيندڙ بدقسمت واقعي ۾ انساني جانيون ضايع ٿيون آهن.

سنڌ جي وڏي وزير ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته هو ڏک جي هن گھڙي ۾ ايران ۽ سڀني سوگواران سان برابر جا جذبات ۾ شريڪ آهي.

وڏي وزير چيو ته ملڪ جنگ جي صورتحال کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ امن ۽ امان کي خراب ڪرڻ مناسب ناهي. وڏي وزير علامه شهنشاهه نقوي، علامه شبير ميسامي ۽ ٻين سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته عالمن کان درخواست آهي ته هر قيمت تي ماڻهن جي جذبات کي ڪنٽرول ڪن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube