سنڌ جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ جو ڏينهن اڄ ملهايو پيو وڃي، جنهن ۾ ٻارن ۽ وڏن ۾ جوش ۽ جذبي سان ڏٺو پيو وڃي.
سنڌ جي ثقافتي ڏينهن تي مختلف شهرن ۾ ريليون ڪڍيون پيون وڃن، ۽ ننڍن ۽ وڏن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن.
ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ٽيبلوز ۽ نمائشن ذريعي سنڌ جي ثقافت جا رنگ پيش ڪيا پيا وڃن.
ثقافتي ڏينهن تي سنڌي ٽوپيون، اجرڪون ۽ ثقافتي ڪپڙن جي خريداري پڻ جاري آهي. صوبي جي ثقافت سان محبت جو اظهار علائقائي گيتن ذريعي پڻ ڪيو پيو وڃي.




