سلامتي ڪائونسل ۾ صدر ٽرمپ جي غزه منصوبي جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪئي ويئي۔
قرارداد ۾ غزه لاءِ بين الاقوامي استحڪام فورس جي تعيناتي ۽ غزه ۾ عبوري حڪومت قائم ڪرڻ جا نقطا به شامل آهن۔
آمريڪي مندوب چيو ته هڪ تاريخي ۽ تعميري قرارداد منظور ڪئي وئي آهي، مصر، قطر، اردن، سعودي عرب، يو اي اي، ترڪي، انڊونيشيا ۽ پاڪستان جا شڪريا گذار آهيون۔
آمريڪي مندوب جو چوڻ هو ته اسان سڀ گڏ ٿياسين، صورتحال جي سنگيني جو احساس ڪيو ۽ قدم کنيا، غزه جي استحڪام لاءِ اڄ جي قرارداد اهم آهي۔




