سنڌ جي سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن ۾ سياري جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪاليج ايجوڪيشن ڊپارٽمينٽ موڪلن جو سرڪاري نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي، موڪلون 22 ڊسمبر کان 31 ڊسمبر 2025 تائين هونديون.
انٽرميڊيئيٽ جي پهرين ۽ ٻئي سال جا ضمني امتحان موڪلن دوران شيڊول مطابق منعقد ڪيا ويندا، سڀني سرڪاري ۽ خانگي ڪاليجن کي نوٽيفڪيشن تي عمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.




