KTN News

سري لنڪا پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 134 رنسن جو هدف ڏنو آهي

سري لنڪا پاڪستان کي کٽڻ لاءِ 134 رنسن جو هدف ڏئي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ ڪمينڊو مينڊس 50 رنسن سان نمايان رهيو۔

تفصيل موجب، پاڪستان ٽاس کٽي فيلڊنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن بعد سري لنڪا مقرر ڪيل 20 اوورن ۾ 8 وڪيٽن جي نقصان تي 133 رنس ٺاهيا، جنهن ۾ ڪمينڊو مينڊس 50 رنسن سان نمايان رهيو، جڏهن ته ڪوشل پريرا 15، چارٿ اسالنڪا 20، هسارنگا 15 ۽ ڪرونارتني 17 رنس ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيا۔

پاڪستان طرفان شاهين شاهه آفريدي 3 وڪيٽون وٺيون، حارث رؤف ۽ حسين طلعت 2، 2 وڪيٽون حاصل ڪيون، جڏهن ته ابرار احمد هڪ رانديگر کي آئوٽ ڪيو

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube