KTN News

سريلنڪا پاڪستان کي دلچسپ مقابلي ۾شڪست ڏئي ٽه ملڪي ٽي 20 سيريزجي فائنل ۾ پهچي ويو

ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جي ڇهين ميچ ۾، سريلنڪا پاڪستان کي 6 رنسن سان شڪست ڏئي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ جاءِ ٺاهي ورتي. پاڪستان ۽ مهمان ٽيم جي وچ ۾ فائنل 29 نومبر تي کيڏيو ويندو.

راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندڙ ٽي ملڪي ٽي 20 سيريز جي ڇهين ميچ ۾ پاڪستان جي دعوت تي پهرين بيٽنگ ڪندي، سريلنڪا مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 184 رنسون ٺاهيون. جڏهن ته، پاڪستاني ٽيم مهمان ٽيم پاران مقرر ڪيل 185 رنسن جو هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي ۽ مقرر 20 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي صرف 178 رنسون ٺاهي سگهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube