KTN News

ساف انڊر 17 فٽبال چيمپيئن شپ جَي آخري گروپ ميچ ۾ ڀارت پاڪستان کي 2 جَي مقابلي ۾ 3 گول تان هارائي ڇڏيو

ٻنهي ٽيمن پهريان ئي سيمي فائنل ۾ پهچي چڪيون آهن، ڀارتي ٽيم طرفان پهريون گول دلالموون گانگٽي 31هين منٽ ۾ اسڪور ڪيو.

ٻيو گول گنليبا 63هين، جڏهن ته ٽيون گول ريحان احمد 73 هين منٽ تي اسڪور ڪيو.

پاڪستان طرفان محمد عبدالله 43هين منٽ ۾ پينلٽي ڪڪ تي پهريون، جڏهن ته ٻيو گول حمزا ياسر 70هين منٽ تي اسڪور ڪيو.

ساف انڊر فٽبال چيمپيئن شپ ۾ سيمي فائنل 25 سيپٽمبر تي کيڏيو ويندو….

 

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube