KTN News

رينجرز اهلڪارن تي قاتلاڻي حملي جي 27 سالن پراڻي ڪيس جو فيصلو، عبيد ڪي ٽو جي عمر قيد کي ڪالعدم قرار

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ لياقت آباد ۾ رينجرز اهلڪارن تي قاتلاڻي حملي جي 27 سالن پراڻي مقدمي جو فيصلو ٻڌائيندي، جوابدار عبيد ڪي ٽو جي سزا خلاف داخل اپيل منظور ڪري ورتي۔

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي جي علائقي لياقت آباد ۾ رينجرز اهلڪارن تي حملي بابت 27 سالن پراڻي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت عبيد ڪي ٽو جي سزا خلاف اپيل تي غور ڪيو۔

سماعت دوران جوابدار عبيد ڪي ٽو جي وڪيل ۽ پراسيڪيوٽر پنهنجا دليل پيش ڪيا۔

ملزم جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته هي ڪيس اڳ ۾ ٻه ڀيرا هلي چڪو آهي، ۽ ان جو ٽرائل فوجي عدالت ۾ به ٿيو هو، ايم ڪيو ايم جي مرڪز 90 تان گرفتار ٿيل سمورا جوابدار جيل مان آزاد ٿي چڪا آهن، رڳو عبيد ڪي ٽو اڃا تائين جيل ۾ آهي۔ عبيد ڪي ٽو کي 2015 ۾ گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته هن ڪيس ۾ ان جي گرفتاري 2021 ۾ ظاهر ڪئي وئي۔

پراسيڪيوٽر ٻڌايو ته 1998 ۾ رينجرز اهلڪار پڪٽ تي موجود جوانن لاءِ کاڌو کڻي پيا ويا ته لياقت آباد ۾ جوابدارن گهات لڳائي فائرنگ شروع ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ سپاهي دلدار حسين شهيد ۽ حوالدار ممتاز علي زخمي ٿيا۔

پراسيڪيوٽر جو چوڻ هو ته ملزم ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو، دهشتگردي جي عدالت قانون مطابق سزا ٻڌائي هئي، ملزم بريت جو حقدار ناهي۔ 2024 ۾ انسداد دهشتگردي عدالت عبيد ڪي ٽو کي عمر قيد جي سزا ڏني هئي۔

بعد ۾ عدالت فيصلو ٻڌائيندي عبيد ڪي ٽو جي سزا خلاف اپيل منظور ڪئي ۽ عمر قيد جي سزا کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube