خيرپور ڀرسان مدرسي جا 3 شاگرد گم ٿي ويا، جنهن سبب وارث سخت پريشان آهن، جن ڳولا ۾مدد جي اپيل ڪئي آهي.
ڳوٺ الرا ڀٽا مان مدرسي ۾ پڙهندڙ گلشير احمد ، علي مراد ۽ حنيف پهوڙ پر اسرار نموني گم ٿي ويا.
وارثن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن شام جو مدرسي مان نڪتا ته گهر نه پهتا ۽ نه ئي مدرسي واپس ويا.
وارثن جو چوڻ آهي ته کين شڪ آهي ته ٽنهي نينگرن کي اغوا ڪيو ويو آهي، سندن ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي