انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) موجب، سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس اطلاعن تي ٽانک ضلعي ۾ آپريشن ڪيو، جنهن ۾ ٽانک ۾ سخت فائرنگ جي تبادلي ۾ 7 خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز خوارج جي لڪائڻ واري جاءِ کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو.
سيڪيورٽي فورسز انٽيليجنس اطلاعن تي لڪي مروت ۾ خوارج خلاف آپريشن پڻ ڪيو. لڪي مروت ۾ فائرنگ جي تبادلي ۾ ٻه خوارج مارجي ويا.
آءِ ايس پي آر چيو ته مارجي ويل ڀارتي سرپرست خوارج کان هٿيار ۽ گولا بارود هٿ ڪيو ويو آهي. مارجي ويل خوارج دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا.
آءِ ايس پي آر چيو ته ڀارتي سرپرست خوارج جي نيٽ ورڪ کي مڪمل طور تي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي.




