KTN News

خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪارروائي، چار دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي:
سيڪيورٽي فورسز خيبرپختونخوا ۾ ڪامياب ڪارروايين دوران چار دهشتگردن کي هلاڪ ڪري ڇڏيو۔

آئي ايس پي آر موجب، 17 ۽ 18 نومبر تي خيبرپختونخوا جي مختلف ضلعن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي مؤثر ڪارروايين دوران ڀارتي پراڪسي فتنہ “الخوارج” جا 4 دهشتگرد ماريا ويا۔

پاڪ فوج مطابق، باجوڙ ۾ خوارج جي موجودگي بابت خفيه اطلاع تي آپريشن ڪيو ويو، جتي سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي صحيح نشانو بڻايو۔ سخت فائرنگ جي ڏي وٺ بعد هڪ دهشتگرد هلاڪ ٿيو۔

اهڙي ريت وڌيڪ ٻه دهشتگرد اتر وزيرستان جي علائقن سپين وام ۽ ذاکرخيل ۾ آپريشن دوران ماريا ويا، جڏهن ته هڪ ٻي مقابلي ۾ ڊيره اسماعيل خان ۾ هڪ دهشتگرد وڌيڪ هلاڪ ڪيو ويو۔

پاڪ فوج مطابق، ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم دهشتگردن وٽان اسلحہ ۽ گولابارود به هٿ ڪيو ويو۔ اهي دهشتگرد تازو ڏينهن ۾ هنن علائقن ۾ ڪيترين دهشتگرد سرگرمين ۾ ملوث هئا۔

آئي ايس پي آر چيو آهي ته سيڪيورٽي فورسز علائقي ۾ سينيٽائيزيشن آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي، ته جيئن ڪنهن به باقي بچيل ڀارتي سرپرست دهشتگرد جو مڪمل خاتمو ڪيو وڃي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube