KTN News

خالده ضياءَ جي حالت خراب، آءِ سي يو ۾ وينٽيليٽر تي منتقل

بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي چيئرپرسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم بيگم خالده ضياءَ جي حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، جنهن کان پوءِ کيس گذريل رات وينٽيليٽر تي منتقل ڪيو ويو.

پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، بي اين پي جي وائيس چيئرمين ايڊووڪيٽ احمد اعظم خان اڄ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته بيگم ضياءَ جي حالت ٻيهر نازڪ ٿي وئي آهي، هوءَ گذريل رات کان وينٽيليٽر تي آهي.

واضح رهي ته 80 سالن جي خالده ضياءَ کي مختلف طبي مسئلن سبب 23 نومبر تي اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو هو، جتي سندس مسلسل علاج جاري آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube