پنهنجي بيان ۾ حماس ترجمان چيو آهي ته سيڪيورٽي ڪائونسل جي غزه بابت قرارداد فلسطيني ماڻهن جي حقن ۽ مطالبن کي پورو نٿي ڪري۔
حماس اڳواڻ موجب اها قرارداد غزه تي بين الاقوامي سرپرستي مڙهي ٿي، غزه ۾ بين الاقوامي فورس جي تعينات ان کي غير جانبدار نٿي رهڻ ڏيندي
حماس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اهي اسرائيل خلاف هر قسم جي مزاحمت کي جائز سمجهن ٿا ۽ هٿيار ڦٽا ڪرڻ کي رد ڪن ٿا.




