KTN News

جيڪڏهن روسي تيل وٺڻ بند نه ڪيو ويو ته ڳرا ٽيرف جاري رهندا، ٽرمپ جي ڀارت کي ڌمڪي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏھن ڀارت روس کان تيل وٺڻ بند نه ڪيو ته ان کي “ڀاري ٽيرف” کي منهن ڏيڻو پوندو.

تنهن هوندي به، صدر ٽرمپ ٻيهر چيو ته ڀارتي وزيراعظم کيس يقين ڏياريو آهي ته ڀارت روس کان تيل وٺڻ بند ڪري ڇڏيندو.

صدر ٽرمپ صحافين سان ڳالهائيندي ايئر فورس ون ۾ چيو ته “مون وزيراعظم مودي سان ڳالهه ڪئي آهي، ۽ هن چيو آهي ته هو روسي تيل نه خريديندو.”

ٽرمپ اربع ڏينهن دعويٰ ڪئي ته مودي فون تي کيس يقين ڏياريو آهي ته ڀارت روسي تيل جي درآمد بند ڪري ڇڏيندو.

پر ڀارتي پرڏيهي وزارت اهڙي ڪنهن به رابطو کان لا علمي ظاهر ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته ڀارت جو سڀ کان اهم مقصد پنهنجن صارفين جي مفادن جو تحفظ آهي.

جڏهن ٽرمپ کان ڀارتي پرڏيهي وزارت جي بيان بابت پڇيو ويو ته انهن کي اهڙي ڳالهه جو علم ناهي، ته هن چيو ته “جيڪڏهن هو ائين چوڻ چاهين ٿا، ته پوءِ انهن کي ڀاري محصول ادا ڪرڻا پوندا، ۽ هو اهو نٿا چاهين.”

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube