KTN News

جيڪڏهن حماس معاهدي جي پاسداري نه ڪئي ته مان اسرائيل کي غزہ ۾ ڪارروائي جي اجازت ڏيندس: ٽرمپ

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن حماس جنگ بندي واري معاهدي جون شرطون نه مڃي، ته هو اسرائيل کي غزه ۾ ٻيهر فوجي ڪارروائي جي اجازت ڏئي ڇڏيندو۔

سي اين اين کي ڏنل انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ چيو ته حماس اڃا تائين 28 مان اڪثر يرغمالين جون لاشون واپس نه ڪيون آهن۔

صدر ٽرمپ، حماس کي معاهدي جي پاسداري جو پيغام ڏيندي خبردار ڪيو ته “جيئن ئي مان چوندس، اسرائيلي فوج ٻيهر غزه جي گهٽين ۽ روڊن تي هوندي، ۽ جيڪڏهن اسرائيل چاهي ته حماس کي چڱي ريت سبق سيکاري سگهي ٿو۔”

ٽرمپ چيو ته سندس غزه امن رٿا کي عالمي سطح تي وڏي حمايت حاصل آهي، بهرحال نيتن ياهو کي جنگ بندي تي راضي ڪرڻ لاءِ کيس سمجهائڻو پيو۔

هن وڌيڪ چيو ته هاڻ ايران ڪو مسئلو ناهي رهيو، ۽ اهو به دعويٰ ڪئي ته هاڻ هر ڪو ابراهيم معاهدن جو حصو بڻجڻ چاهي ٿو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube