KTN News

جامعه ڪراچي جي بس هيٺ اچي شاگرديا جانبحق، لهندي وقت حادثو

جامعه ڪراچي جي بس هيٺ اچي هڪ شاگرديا جانبحق ٿي وئي۔

پوليس موجب، شاگرديا جامعه ڪراچي جي بس ۾ سوار هئي، لهندي وقت حادثو پيش آيو۔

شاگرديا کي ترت ئي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پر ان دوران ئي هوءَ دم ڏئي ويئي۔

سماجي بهبود جي ٻئي سال جي شاگرديا، انيقہ سعيد، رياضي جي شعبي جي سامهون پوائنٽ مان ڪري جانبحق ٿي۔

عيني شاهدن موجب، حادثو ڊرائيور جي غلطي سبب پيش آيو۔

وائس چانسلر ڊاڪٽر خالد عراقي حادثي جو نوٽيس وٺندي ٽرانسپورٽ شعبي کي ان جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube