ترڪي جي شهر استنبول ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن۔
ترڪ ڊيزاسٽر ايجنسي موجب، خميس ڏينهن ترڪي جي شهر استنبول ۾ 5 شدت جو زلزلو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن جو مرڪز استنبول جي ڏکڻ اولهه ۾ بحيره مرمرا هو۔
زلزلي سبب شهر جون ڪيترين عمارتون لڏي ويون ۽ ماڻهو ڊڄي روڊن تي نڪري آيا۔
رپورٽ موجب، هن وقت تائين زلزلي جي نتيجي ۾ ڪنهن به جاني يا مالي نقصان جي ڪا اطلاع ناهي ملي۔