KTN News

بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، 22 خوارج مارجي ويا

ورٽي فورسز فتنه الخوارج خلاف آپريشن ڪري رهيون آهن، بنون ۾ انٽيليجنس تي ٻڌل آپريشن ۾ 22 خوارج مارجي ويا.

پاڪستاني فوج جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ، آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن فتنه الخوارج جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو.

آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز دهشتگردن جي ٺڪاڻن کي اثرائتي انداز ۾ نشانو بڻايو. سخت فائرنگ ۾ 22 دهشتگرد مارجي ويا.

آءِ ايس پي آر موجب، وڌيڪ هندستاني سرپرستي ۾ فتنه الخوارج جي ڳولا لاءِ علائقي ۾ ڪليئرنس آپريشن ڪيو پيو وڃي.

آءِ ايس پي آر موجب، سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ دشمن نيٽ ورڪ کي ختم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهن.

ٻئي طرف، وزيراعظم شهباز شريف فتنه الخوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube