KTN News

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي مذمت

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊ ڪوارٽر تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته ڪوئيٽا ۾ ايف سي هيڊڪوارٽر تي حملو ناڪام بڻايو ويو آهي، 6 دهشتگردن ايف سي هيڊڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، فورسز ڪاروائي ڪندي سمورن دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو.

ڪوئيتا ۾ ڳالهائيندي بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو ته ايف سي جي جوانن هيڊ ڪوارٽي تي دهشتگردن جي حملي کي ناڪام بڻائيندي هڪ آپگهاتي بمبار سميت 5 دهشتگردن کي ماري ڇڏيو.

سرفراز بگٽي چيو ته  دهشتگرد ايف سي هيڊ ڪوارٽر ۾ داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي جنهن دوران جوانن بروقت ڪارروائي ڪندي کين جهنم ڀيڙو ڪري ڇڏيو.

بلوچستان جي وڏي وزير  چيو ته دهشتگرد بزدلاڻي ڪاررواين ذريعي اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، دهشتگرد چاهين ٿا تعليمي ادارا بند ٿي وڃن ……

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube