KTN News

بلوچستان؛ پوليس نصير آباد ريلوي ٽريڪ تي تخريبڪاري جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي

بلوچستان جي نصير آباد ضلعي ۾ صدر پوليس اسٽيشن ڊيرا مراد جي حد ۾ ريلوي ٽريڪ تي تخريبڪاري جي ڪوشش کي پوليس ناڪام بڻائي ڇڏيو. پوليس موجب، دوست هوٽل جي سامهون ريلوي ٽريڪ تي هڪ بم هٿ ڪيو ويو.

سيڪيورٽي فورسز بم ڊسپوزل اسڪواڊ ٽيم کي طلب ڪيو ۽ ان کي ناڪاره بڻايو. پوليس چيو ته ساڍا ٽي ڪلوگرام ڌماڪيدار مواد ناڪاره بڻايو ويو.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube