KTN News

برطانيا لاءِ پاڪستانين جي سياسي پناهه جي درخواستن ۾ پنج ڀيرا واڌ

برطانوي اميگريشن قانونن ۾ خامين جو فائدو وٺندي، سڀ کان وڌيڪ پاڪستانين سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏني.

برطانوي ميڊيا موجب، 2022 کان وٺي پاڪستانين پاران سياسي پناهه جي درخواستن جو تعداد پنج ڀيرا وڌي ويو آهي. گذريل سال، 11,234 پاڪستانين سياسي پناهه لاءِ درخواست ڏني.

ميڊيا رپورٽن موجب، سياسي پناهه جي درخواست ڏيندڙ پاڪستانين مان، 5,888 شاگرد ويزا تي قانوني طور تي برطانيه پهتا، 2,578 ڪم ويزا تي ۽ 902 وزٽ ويزا تي. سال دوران ڪل 162,000 پاڪستانين کي برطانوي ويزا جاري ڪيا ويا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube