ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي واضح ڪيو آهي ته آمريڪا جي شهري انفراسٽرڪچر تي حملي جي باوجود ايران ڪنهن به حالت ۾ هٿيار ڦٽا نه ڪندو.
سوشل ميڊيا تي تباهه ٿيل پل جي تصوير شيئر ڪندي هن چيو ته آمريڪا جي شهري سهولتن کي نشانو بڻائڻ جي باوجود ايران جو عزم ڪمزور نه ٿيندو. سندس مطابق، هر تباهه ٿيل عمارت ۽ پل کي اڳ کان وڌيڪ مضبوطيءَ سان ٻيهر تعمير ڪيو ويندو.
عباس عراقچي سخت رد عمل ظاهر ڪندي چيو ته جيڪا شيءِ بحال نه ٿيندي اها آمريڪا جي عالمي ساک آهي، جيڪا انهن حملن سان سخت نقصان پهتي آهي.
ٻئي طرف، آمريڪي صدر ٽرمپ تازي حملي کان پوءِ چيو هو ته جيڪو پل نشانو بڻايو ويو هو اهو ٻيهر ڪڏهن به استعمال لائق نه هوندو.
هن ايران کي خبردار ڪيو ته وڌيڪ سخت قدم کڻي سگهجن ٿا ۽ ايران کي دير ٿيڻ کان اڳ هڪ معاهدي تي پهچڻ گهرجي.
ماهرن جي مطابق، ٻنهي ملڪن جا بيان ظاهر ڪن ٿا ته تڪرار گهٽجڻ بدران وڌي رهيا آهن، جڏهن ته سفارتي حل جا رستا وڌيڪ پيچيده ٿي رهيا آهن.




