KTN News

اورکزئی ۾ سيڪيورٽي فورسز جو آپريشن، ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ميجر سميت 11 جوان شهيد، 19 خارجي مارجي ويا

راولپنڊي: اورکزئي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي آپريشن دوران ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر سميت 11 جوان شهيد ٿي ويا، جڏهن ته فورسز جي جوابي ڪارروائي ۾ 19 خارجي مارجي ويا.

پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) مطابق، انٽيليجنس بيسڊ آپريشن 7 ۽ 8 آڪٽوبر جي وچ واري رات ڪيو ويو، جنهن دوران 11 بهادر جوانن شهادت جو جام نوش ڪيو.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته دهشتگردن سان فائرنگ جي ڏي وٺ دوران شهيد ٿيندڙن ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ هڪ سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر به شامل آهن.

آءِ ايس پي آر مطابق، انٽيليجنس بيسڊ ڪارروائي ڀارتي پراڪسي فتنۃ الخوارج جي ٺڪاڻن تي ڪئي وئي، جنهن دوران فورسز اثرائتي ڪارروائي ۾ 19 ڀارتي سرپرست خارجي ماريا.

آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ليفٽيننٽ ڪرنل جنيد طارق فرنٽ تان ٽيم جي اڳواڻي ڪري رهيا هئا، جڏهن ته سيڪنڊ ان ڪمانڊ ميجر طيب راحت به شهادت ماڻي.

ان کان علاوه شهيد ٿيندڙ ٻين 9 جوانن ۾ نائب صوبيدار اعظم گل، نائيڪ عديل حسين، نائيڪ گل امير، لانس نائيڪ شير خان، لانس نائيڪ طالش فراز، لانس نائيڪ ارشاد حسين، سپاهي طفيل خان، سپاهي عاقب علي ۽ سپاهي محمد زاهد شامل آهن۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube