KTN News

انڊونيشيا ۾ 6.3 شدت جو زلزلو

انڊونيشيا جي ٻيٽ سماٽرا ۾ 6.3 شدت جو زلزلو آيو.

جيو فزڪس ايجنسي جي مطابق، سماٽرا جي آچي صوبي ۾ زلزلي جي کوٽائي 10 ڪلوميٽر هئي، پر سونامي جي ڪا به وارننگ جاري نه ڪئي وئي.

زلزلي سبب ماڻهن ۾ خوف پکڙجي ويو، پر فوري طور تي نقصان جي ڪا به رپورٽ ناهي ملي.

سيڪيورٽي ادارن هدايتون جاري ڪيون آهن ته زلزلي کان پوءِ ممڪن آفٽر شاڪس کي نظر ۾ رکندي عوام محتاط رهي.

انڊونيشيا جي سماٽرا ۾ مختلف علائقا اڳ ئي طوفاني برساتن سبب ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ جي اثر هيٺ آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 20 کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي چڪا آهن.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube