KTN News

اليڪشن عملي کي ڌمڪيون ڏيڻ وارو ڪيس: ڪي پي جو وڏو وزير سهيل آفريدي اليڪشن ڪميشن ۾ پيش

اسلام آباد: خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير سهيل آفريدي ضمني چونڊن ۾ چونڊ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو.

چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ وڏي وزير سهيل آفريدي خلاف ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي ۽ چونڊ ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏيڻ جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

اليڪشن ڪميشن گذريل ٻڌڻي ۾ سهيل آفريدي کي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪيو هو، جنهن تي وڏو وزير سهيل آفريدي اڄ اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيو، جڏهن ته سندس وڪيل علي بخاري پڻ موجود هو.

ٻڌڻي دوران وڪيل علي بخاري چيو ته اين اي 18 سان لاڳاپيل ٻه يا ٽي وڌيڪ درخواستون آهن، انهن کي گڏ ڪيو وڃي، ان تي اسپيشل سيڪريٽري قانون چيو ته هن ڪيس تي الڳ سان غور ڪيو وڃي.

اسپيشل سيڪريٽري قانون دليل ڏنو ته ڪميشن کي اختيار آهن ته جيڪڏهن ان جي هدايتن تي عمل نه ڪيو وڃي ته ڪارروائي ڪري سگهي ٿو، هن ڪيس تي اليڪشن ايڪٽ ۽ آئين موجب ڪارروائي ڪئي وڃي، جيڪي ان جا ذميوار آهن اهي ميرٽ تي جواب ڏين، مان ڪميشن جي مدد ڪندس.

اسپيشل سيڪريٽري قانون چيو ته مانيٽرنگ آفيسر جي رپورٽ موجب، هي قانون جي ڀڃڪڙي ۽ اليڪشن ڪميشن جي هدايتن تي عمل ڪرڻ ۾ ناڪامي جي برابر آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube