ڪابل: افغانستان ۾ طالبان حڪومت طرفان ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس بند ڪرڻ کان پوءِ، ڪابل جو مرڪزي ايئرپورٽ به مڪمل طور تي بند ٿي ويو آهي۔
انٽرنيٽ جي بندش سبب ملڪ اندر ۽ ٻاهر رابطن تي سخت اثر پيو آهي، جڏهن ته ضروري خدمتون، جن ۾ بينڪنگ ۽ آن لائين تعليم شامل آهن، پڻ سخت متاثر ٿيون آهن۔