اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ديني مدرسن جي اڪائونٽن لاءِ بينڪن ۽ مائڪرو فنانس بينڪن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن۔
مرڪزي بئنڪ موجب، ديني مدرسن جا بئنڪ اڪائونٽ کولڻ ۾ مشڪلاتون سامهون آيون آهن۔
اسٽيٽ بئنڪ جو چوڻ آهي ته ديني مدرسن جا اڪائونٽ کولڻ ۾ ڏکيائي اچڻ مالي شموليت جي اصولن جي ابتڙ آهي۔
اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو پڻ چوڻ آهي ته جيڪڏهن ديني مدرسن جا اڪائونٽ نه کوليا وڃن ته انهن جي مالي سرگرمين جي نگراني مشڪل ٿي وڃي ٿي۔
اسٽيٽ بئنڪ طرفان اهو به چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽوريٽ جنرل مذهبي تعليم ۽ لاڳاپيل اختيارين سان رجسٽرڊ ٿيل مدرسن جا اڪائونٽ کولڻ جي هدايت ڪئي وڃي ٿي۔