KTN News

اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي جو رجحان، ڊالر جي قيمت ۾ به گهٽتائي

پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ به واپاري هفتي جي ٻئي ڏينهن تي تيزي جو رجحان ڏٺو ويو، ايڪسچينج مارڪيٽ ۾ پاڪستاني روپئي جي مقابلي ۾ ڊالر پڻ سستو ٿيو.

اڱاري ڏينهن، اسٽاڪ مارڪيٽ مثبت طور تي واپار شروع ڪيو، 100 انڊيڪس 480 پوائنٽس جي واڌ سان 162,464 پوائنٽس تي واپار ڪيو.

گذريل ڪاروباري ڏينهن جي آخر ۾، هينڊريڊ انڊيڪس 161,984 تي بند ٿيو.

ٻئي طرف، ڊالر جي قيمت ۾ اتار چڙهاؤ جاري آهي، ايڪسچينج ڪمپنيز ايسوسيئيشن موجب، انٽربينڪ مارڪيٽ ۾ ڊالر هڪ پئسو گهٽجي 280 رپيا ۽ 60 پئسا ٿي ويو آهي.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube