KTN News

اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا

اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا، زلزلي جي شدت 5.6 ريڪارڊ ڪئي وئي آهي۔

پاڪستان ميٽرو لوجيڪل ڊپارٽمينٽ (پي ايم ڊي) موجب، راولپنڊي، اسلام آباد، چترال، سوات، ۽ پشاور ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا۔

خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ به زلزلي جا لوڏا آيا، پشاور ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن، ايبٽ آباد ۽ ويجهن هنڌن تي به زلزلي جا اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ٿيا۔

گلگت شهر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن ۾ زلزلي جا شديد لوڏا آيا۔

زلزلي پيما مرڪز موجب زلزلي جي شدت 5.6 ريڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ان جي کوٽائي 120 ڪلوميٽر هئي، ۽ زلزلي جو مرڪز هندُوڪش علائقو (افغانستان) هو۔

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube