عالمي عدالت انصاف فلسطينين کي امداد فراهم ڪرڻ بابت اسرائيل جي ذميوارين تي پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي۔
عالمي عدالت انصاف چيو آهي ته اسرائيل اهو ثابت نه ڪري سگهيو آهي ته اقوام متحده جي اداري انروا (UNRWA) جي اڪثر ميمبرن جا حماس سان لاڳاپا آهن۔
عدالت چيو ته اسرائيل کي گهرجي ته هو غزه ۾ انروا جي امدادي ڪوششن جي حمايت ڪري، اسرائيل بک کي جنگي هٿيار طور استعمال نٿو ڪري سگھي۔
عدالت پنهنجي راءِ ۾ چيو ته اسرائيل تي فرض آهي ته هو فلسطيني علائقن ۾ اقوام متحده جون امدادي ڪارروايون جاري رکڻ جي اجازت ڏئي، اسرائيل پابند آهي ته هو فلسطيني شهرين جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪري۔
عالمي عدالت انصاف جي فيصلي تي اقوام متحده ۾ اسرائيلي سفير چيو ته انروا بابت عدالت جو فيصلو شرمناڪ آهي۔




