اسلام آباد: اسرائيلي حراست مان آزاد ٿيل اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد پاڪستان پهچي ويو۔
اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان اردن مان اسلام آباد پهتو، جتي وڏي انگ ۾ عوام سندس شاندار آجيان ڪئي ۽ مٿس گلن جي ورکاها وسايا ويا۔
مشتاق احمد خان جي آجيان لاءِ آيل شهرين هٿن ۾ فلسطين جا جهنڊا کڻي رکيا هئا، جڏهن ته اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان به ڳچيءَ ۾ فلسطين جو ڪوفيہ پائي رکيو هو۔
ياد رهي ته غزه لاءِ امدادي سامان کڻي ويندڙ “گلوبل صمود فلوٽيلا” جي قافلي سان گڏ ٻين سماجي ڪارڪنن سان گڏ اڳوڻو سينيٽر مشتاق احمد خان به شامل هو۔