“آپريشن سندور” جي ناڪاميءَ کان پوءِ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي پراسرار ۽ مجرماڻي خاموشيءَ تي سمورو ڀارت ڪاوڙ ۾ ڳاڙهو ٿي ويو آهي.
مودي سرڪار جي ناڪاميءَ سبب ڀارت ۾ حڪومت جي بي عزتيءَ ۽ سياسي تنقيد جو سلسلو جاري آهي.
ڀارتي اپوزيشن پارٽين راهو گانڌي چيو ته “آپريشن سندور” دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي پاڪستان جي حق ۾ بيانن تي مودي سرڪار کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
ڪانگريس اڳواڻ راول گانڌي چيو ته “نريندر مودي هڪ بزدل انسان آهي، جنهن وٽ ڪو به ويزن ناهي.”
هن چيو ته “هيءَ حقيقت آهي ته مودي آمريڪي صدر ٽرمپ جي اڳيان بيهي نٿو سگهي.”
راهول گانڌي چيو ته “جيڪڏهن مودي ۾ همت آهي ته ٻڌائي ته ڇا ٽرمپ جا بيان ڪوڙا آهن؟”.
هن چيو ته “مودي اهو به اقرار ڪري نه ٿو سگهي ته هن پاڻ ‘آپريشن سندور’ صدر ٽرمپ جي اشاري تي روڪرايو.”
ڪانگريس اڳواڻ سوپريا شري نيت جو چوڻ هو ته “ڊونلڊ ٽرمپ موجب ست ڀارتي جهاز تباهه ٿيا، مودي جي خاموشي ان ڳالهه جي تصديق ڪري ٿي.”
هن چيو ته “نريندر مودي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کان گهڻو ڊڄي ٿو.”،“مودي جي بزدليءَ سبب سڄي ڀارت جي عزت داءَ تي لڳي وئي آهي.”
ٻئي طرف “آپريشن بنيان المرصوص” ۾ پاڪستان جي بهادر فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته پاڪستان جون سرحدون اورانگهي نٿيون سگهجن.




