KTN News

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات انتهائي حوصلا افزا هئي،وزيراعظم شهباز شريف

وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات انتهائي حوصلا افزا هئي، جنهن ۾ آمريڪا واپار، آئي ٽي ۽ ٻين ڪيترن ئي شعبن ۾ سيڙپڪاري لاءِ تيار آهي.

نيو جرسي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي وزيراعظم ٻڌايو ته ملاقات دوران معيشت، دهشتگردي خلاف ڪاررواين، معدنيات، مصنوعي ذهانت (AI)، آئي ٽي ۽ ڪرپٽو ڪرنسي بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. شهباز شريف چيو ته ٽيرف جي معاملي تي آمريڪي صدر جا ٿورائتا آهيون، جڏهن ته  ٻنهي ملڪن ۾ معدنيات جي قيمتن جو مناسب تعين ڪيو ويندو.

 هن وڌيڪ چيو ته پاڪ-آمريڪا واپاري معاهدا گڏيل مفادن جي بنياد تي طئي ٿيندا.

وزيراعظم ٻڌايو ته سندس سعودي عرب جي دوري دوران جيڪو شاندار استقبال ڪيو ويو، اهڙو استقبال گذريل چاليهن سالن ۾ نه ڏٺو ويو.

فيلڊ مارشل عاصم منير بابت ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته جنگ دوران هن ڏاهپ سان پاڪ فوج جي قيادت ڪئي.

 هن چيو ته مون چيو هو ته جنگ اسان کٽي ورتي آهي، انهن جا 7 جهاز ڪرائي تباهه ڪيا ويا.

ڀارت جي محاذ تي هر طرف حملا ڪيا ويا، جنهن بعد دشمن جو دماغ چڪرائي ويو ۽ اسان وڌيڪ اڳتي نه وڌندي جنگبندي قبول ڪئي.

شهباز شريف چيو ته ملڪ جي معاشي صورتحال هاڻي مائڪرو ليول تي مستحڪم ٿي چڪي آهي.

 هن چيو ته اوورسيز پاڪستاني ملڪ جا حقيقي سفير آهن، جن سال 24-25 ۾ ساڍا 38 ارب ڊالر پاڪستان موڪليا.

Facebook
Instagram
WhatsApp
Tiktok
X (Twitter)
YouTube